اڳوڻي دؤر ۾ عيد ڪيئن ملهائبي هئي؟

0
196
اڳوڻي دؤر ۾ عيد ڪيئن ملهائبي هئي؟

 ٻهراڙيءَ ۾ روزن واري عيد کي سيويَن (سَيون) واري عيد ڪري سڏيندا هئا. سيويَن جي تياري ۾ چار کان پنج ڏينهن لڳندا هئا. اَن کي ڌوئي صاف ڪري سُڪائي جنڊ تي سنهو اٽو پيهي، ان کي ڪپڙي ۾ ڇاڻي، ڳوهي ڪنهن کٽ سان سيويَن واري مشين ٻڌي، هڪ عورت اٽي جو گول پنوڙو ٺاهي ان جي منهن ۾ ڏيندي هئي، ٻي مٿي کٽ تي ويٺل عورت مشين جو مٺيو ڦيرائيندي هئي ته هيٺئين منهن مان سيوَيون ٺهنديون وينديون هيون. اهي  سيوَيون اتان ڇني ٻي کٽ تي وڇايل صاف چادر تي يا ڌوتل پوتل کارڙن ۾ وجهي سڪڻ لاءِ رکبيون هيون. سڪڻ کان پوءِ ان کي ڪي سيڪينديون هيون ته ڪي بنا سيڪڻ جي رڌي ٿالهيءَ ۾ وجهي، مٿان نج نبار مکڻ مکي، ڳڙ واري مٺائيءَ جو ٻرڪو ڏيئي کائبيون هيون ۽ پاڙي پتي ۾ سوکڙي ڪري موڪلبيون هيون. اهي اٽي جون ٺهيل سيوَيون سوادي ۽ ذائقيدار هونديون هيون. ڏيساور به سوکڙي ڪري موڪلبيون هيون. امير توڙي غريب جي گهر ۾ عيد جي ڏينهن اهي ئي سيوَيون رڌبيون هيون.

                 ڳوٺاڻن جو عيد تي خاص لباس، سفيد گوڏ ۽ قميص يا پهراڻ هوندو هو. ڀينرون ڀائرن لاءِ ۽ زالون پنهنجن ورن لاءِ پهراڻ تي ڀرت ڀرينديون هيون. اها تياري ڇهه ڇهه مهينا اڳ ڪئي ويندي هئي. عورتون عيد تي نوان ڪپڙا ۽ نيون سڳيون پائينديون هيون. ڪپڙن ۾ ڇيٽ جو چولو ۽ سوسي يا گربي جي شلوار ۽ ٽئونرن واري جتي پائينديون هيون. اهي سهڻيون سڳيون عورتون گهرن ۾ پاڻ به ٺاهينديون هيون ۽ ڪي سرهين جون ٺهيل سڳيون خريدي گهر آڻي زالن ڀينرن ۽ مائرن لاءِ سوکڙيون ڪري آنديون وينديون هيون. عيد نماز هر ڳوٺ ۾ پڙهي ويندي هئي. ڳوٺاڻا پنهنجن ننڍن ٻارن کي ساڻ وٺي ويندا هئا. اوطاقن جي اڱڻ تي وڻن جي ڇانوَ ۾ عيد نماز پڙهائي ويندي هئي.

مذهبي رواداري هئي. هندو به مسلمانن کي عيد جون واڌايون ڏيڻ ايندا هئا. مٺايون موڪلبيون هيون. عورتون عيد واري ڏينهن گهرن کي ڦَريو ٻهاري ڏيئي گهر کي صاف ڪري کٽن تي نيون رليون وڇائي ڇڏينديون هيون. گهر صاف سٿرو لڳندو هو ۽ پيو ٻهڪندو هو. اوچ نيچ ڪانه هئي. وڏڙن جي عزت ڪئي ويندي هئي. مٿو اگهاڙو ڪري هلڻ عيب سمجهيو ويندو هو. شهرن ۾ مٺائين جا وڏا دڪان هوندا هئا. عيد نماز کان پوءِ ٻهراڙين وارا ماڻهو ٽولا ٺاهي شهرن ۾ ايندا هئا. هڪ ٻئي کي مٺايون کارائيندا هئا. نانواين جا دوڪان به هئا پر هوٽل تي ماني کائڻ کي گهڻو ڪري عيب سمجهيو ويندو هو، جيڪو هاڻي فيشن بڻجي ويو آهي.

عام طور عيد ملهائڻ جو نمونو هر شهر ۾ هڪ جهڙو هوندو هو پر ڪن خاص شهرن ۾ عيد ملهائڻ جو انداز نرالو هوندو هو. شڪارپور ۾ عيد واري ڏينهن شام ٿيندي ئي رابيل جون ڪنڊيون، هٿ ڪراين ۾ پائي شڪارپوري شهزادا جڏهن لکي در کان لهندا هئا، ته حافظ شيرازي وارو سمرقند ۽ بخارا ياد اچي ويندو هو.

اگر آن ترڪ شيرازي به دست آرد دل ما را

به خال ہندوش بخشم سمرقند و بخارا را

(جيڪڏهن هو شيراز جو حسين و جميل معشوق منهنجي دل هٿ سان وٺي ته ان جي چهري جي ڪاري تر جي صدقي آئون ان کي سمرقند ۽ بخارا جا شهر بخشي ڇڏيان.)

ز  عشق نا تمام ما جمال يار   مستفني است

به آب و رنگ و خال، و خط چه حاجت روءِ زيبا را

(اسان جي ناقص عشق کان هن جو حسن بي نياز ۽ بي پرواهه آهي، ڇو ته خوبصورت چهري کي آب و رنگ خال و خط جي ڪهڙي ضرورت!)

اهڙي طرح ٺٽي ۾ به هر شام جو خاص طور عيد جي موقعي تي موتئي جي گلن جون ڪنڍيون پائي هلڻ جو رواج هو. شام جو گل فروش نينگرا گلن جون ڪنڍيون ۽ هار کنيو ڦرندي ڏسبا هئا. ٺٽي جي چوڌاري وڏا باغ هئا، جتي هر قسم جا گل پوکيل هوندا هئا. گل پٽڻ واريون عورتون رات جو ٽوڪريون هٿن ۾ کنيو لالٽين جي روشني ۾ گل پٽينديون هيون. ٺٽي کان علاوه حيدرآباد، نصرپور، شڪارپور، دولتپور، ميرپورخاص ۽ موري جهڙن شهرن جي چوڌاريءَ به باغ هوندا هئا، جتي ميون ۽ گلن جون واڙيون هونديون هيون. اهو دور هاڻ نه رهيو هو.

ٺٽي جي عيد به نرالي هوندي هئي. عيد کان هڪڙو ڏينهن اڳ نواب طرفان ٺٽي شهر جي ماڻهن کي “نواب چڙهڻ” جي اطلاع لاءِ گهٽين ۾ نقارو وڄرايو ويندو هو. عيد نماز مڪليءَ جي ٽڪريءَ تي وڏي عيدگاهه ۾ ٿيندي هئي. (اڃان تائين ٿيندي آهي) جتي ماڻهن جا ميڙ اچي گڏ ٿيندا هئا. ٺٽي جي شهرين کان علاوه ٻهراڙين جا ماڻهو به عيد نماز لاءِ ايندا هئا. نواب صاحب پنهنجي مخصوص شاهي لباس ۾ سوني زريءَ سان ريشمي الپاڪ ڪوٽ پهري مٿي تي تاج پائي، هٿ ۾ تلوار کڻي گهوڙي تي سوار ٿي عيدگاهه پهچندو هو.

1983ع ۾ ڪَميان ڪم ڪري اهو نوابي جلوس اسان پاڻ اکين سان وڃي ڏٺو. عيد نماز شاهجهان مسجد جي پيش امام مرحوم مفتي ميان عبدالطيف پڙهائي هئي. ان دور ۾ مرحوم سيد اعجاز علي شاهه شيرازي نواب چڙهندو هو. عيد نماز کان پوءِ نواب صاحب شهر جي دنگ تي گلڻ شاهه جي موريءَ وٽ ٺهيل شامياني ۾ اچي رونق افروز ٿيو هو. اتي ٻيا به ٽي چار سئو ماڻهو اچي ويٺا هئا. انهن ۾ شهرين کان علاوه ٻهراڙين جا هيجب، جاکرا، خاصخيلي، ناريجا ۽ کماڻ ذاتين جا ماڻهو به شامل هئا. اها جاءِ وڏن کان وٺي نواب صاحب جي ڪجهه دير ويهي آرام ڪرڻ لاءِ مخصوص ٿيل هئي. انهن سڀني لاءِ مانيءَ جو بندوبست مرحوم حاجي عبدالرحمان واڍي طرفان ڪيل هو. ٻاڪري گوشت ۾ ٺهيل خوشبودار پلاءُ ٺٽي جي مشهور بورچي بشو بورچي کان رڌرايو ويو هو. ان جي سڳنڌ آئون اڃان تائين وساري نه سگهيو آهيان.

شام لڙي ٽپهريءَ ڌاري نواب صاحب جو جلوس گلڻ شاهه جي موريءَ وٽان نڪري قاضي ڪوٽ، فاضل بيگ محلي، قنڌاري محلي، ڀائي خان جي تڪئي ۽ بخاري محلي کان ٿيندو شاهي بازار ۾ داخل ٿيو هو. ان جلوس سان نواب صاحب جي پويان ڪيترائي گهوڙي سوار، اوٺي سوار ۽ گودڙي وڄائيندڙ هلي رهيا هئا. ان کان علاوه ڏيڍ نواب به جلوس سان گڏ اڳيان هلندو ٿي هليو. ان دور ۾ ڏيڍ نواب ٺٽي جو مسڪين ميٽر ڌوٻي هو. سون جي تعداد ۾ ماڻهو جلوس سان گڏ هلي رهيا هئا. ماڻهو نچندا ڪڏندا، گهورون گهوريندا ٿي هليا. جلوس سان گڏ بينڊ باجن وارا، دهلاري ۽ شرنائي شامل هئا. مولودي شغل پڙهندا ٿي هليا. ڪي نوجوان اسلامي نعرن وارا جهنڊا جهولائيندا ٿي هليا.

سج لٿي نماز کان ٿورو اڳ جلوس شهر جي چونڪ تي پهتو. اتي قاضي صاحب به اچي پهتو ۽ دعا گهري وئي. ان کان پوءِ نواب صاحب پنهنجي بنگلي تي اچي ويٺو ۽ جلوس اختتام پذير ٿيو.

ٺٽي ۾ عيد جي موقعي تي پالڪيون به نڪرنديون هيون. ٻن پالڪين تي شاهه مراد شيرازي جي اولا مان پڳدار چڙهندا هئا ۽ هڪ پالڪي تي شهر جو قاضي چڙهندو هو. قاضي صاحب عيد نماز کان پوءِ پنهنجي پالڪي ساڻ پير ڏني شاهه جي کڏ جي ويجهو کجين جي باغ ۾ هڪ مخصوص جاءِ تي اچي ويهندو هو. پالڪين يا ڏولين کڻڻ وارن ۾ پنجو شيدي، مولو شيدي، جڙيو مڪراني، آچار ونگو شيدي، آچار آگرائي، آمون مڪراني، ڇڇو لاسي، عوثو پهلوان، براد شيدي، آري، حمال، رمون ۽ ٻيا ڪيترائي شيدي ۽ مڪراني مشهور هئا. شيرازي سيدن جون پالڪيون شهر ۾ واپس اچي شاهه مراد شيرازي جي زماني ۾ ٺهيل مسجد وٽ پهچنديون هيون. اتي مفتي صاحب ۽ ٻيا قرآن پاڪ جا حافظ به اچي گڏ ٿيندا هئا. سوره الرحمان پڙهي دعا گهربي هئي ۽ شربت ورهايو ويندو هو.

سڄي سنڌ ۾ عيد جون خوشيون ٽي ڏينهن هلنديون هيون، پوءِ اها چوڻي ته، “عيد به وئي، گيد به وئي، ساڳي ماني ساڳ سان”.