اسلام آباد: چيف جسٽس آف پاڪستان عمر عطا بنديال جي سس، خواجا طارق رحيم جي گهرواري، اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي پٽ، جسٽس مظاهر نقوي، عابد زبيري ۽ پرويز الاهي جي مبينا آڊيو ليڪس تي حڪومت انڪوائري ڪميشن جوڙي هئي.حڪومت 9 مبينا آڊيو ليڪس جي جاچ لاءِ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهيءَ ۾ انڪوائري ڪميشن جوڙي هئي، جنهن ۾ اسلام آباد ۽ بلوچستان هاءِ ڪورٽن جا چيف جسٽس شامل هئا، جنهن تي عدالت چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ جسٽس اعجاز الاحسن، جسٽس منيب اختر، جسٽس حسن اظهر ۽ جسٽس شاهد وحيد تي ٻڌل 5 رڪني بينچ جوڙي هئي.عدالتي بينچ هن ڪيس جون ٻه ٻڌڻيون ڪيون ۽ آڊيو ليڪس ڪميشن کي ڪم ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو هو. گذريل حڪومت مفادن جي ٽڪراءَ سبب ٽن ججن کي بينچ مان ڌار ڪرڻ لاءِ ڌار درخواست داخل ڪئي هئي، حڪومت طرفان بينچ ۾ شامل ٽن ججن چيف جسٽس عمر عطا بنديال، جسٽس اعجاز الاحسن ۽ جسٽس منيب اختر تي اعتراض اٿاريا ويا هئا.سپريم ڪورٽ اڳوڻي حڪومت طرفان بينچ تي اعتراض جي ڌار درخواست تي ٻڌڻي بعد 6 جون تي فيصلو محفوظ ڪيو هو . جيڪو گذريل ڏينهن ٻڌايو ويو.