اسلام آباد (بيورو رپورٽ)  سڌ سماءَ واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته اي پي ايس کي 9 سال گذري ويا، پر وڇڙيل ويلن جو ڏک اڄ به تازو آهي. اي پي ايس سانحي دهشتگردي خلاف پوري قوم کي مضبوط ڪيو، ان واقعي کان پوءِ سموريون سياسي جماعتون ۽ ادارا دهشٽگردي خلاف متحدا ٿيا، 20 نقاطي قومي ايڪشن پلان جوڙيو ويو ۽ دهشتگردن کي شڪست ڏني وئي. هن چيو ته بدقسمتي سان بعد ۾ پارليمان ۽ عوامي ادارن سان مشورو ڪرڻ کان بنا ئي اڳوڻي حڪومت دهشتگردن کي واپس اچڻ ڏنو جنهن سان ملڪ ۾ دهشتگردي جي هڪ نئين لهر جو هاڻي اسان مقابلو ڪري رهيا آهيون. پوري دنيا اندر دهستگردن جي خوش آمد سان دهشتگردي ڪڏهن به ختم ناهي ٿي، پاڪستاني عوام رياستي ادارن جي طاقت سان دهشتگردي جي هن نئين لهر کي به شڪست ڏيندو.