سکر (بيورو رپورٽ) نيشنل بينڪ گهوٽڪي جي اڳوڻي مئنيجر خادم سومرو ۽ ٻين مٿان هڪ ڪروڙ رپين جي فراڊ جو ايف آءِ اي ڪيس داخل ڪري ورتو، گهوٽڪي واسي ڀگوانداس جي شڪايت تي ايف آءِ اي جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر نثار احمد ساوند جاچ ڪئي، جنهن بعد داخل ڪيل ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته انڪوائري دوران بئنڪ رڪارڊ جي ڇنڊڇاڻ ڪئي وئي، نيشنل بينڪ گهوٽڪي جي اڳوڻي برانچ مئنيجر خادم سومرو پنهنجي عهدي جو غلط استعمال ڪندي هڪ ڪروڙ 10 لک روپيا منتقل ڪيا، فريادي ڀگوان داس جي اڪائونٽ مان رقم فلائنگ انٽري ذريعي ٻئي اڪائونٽ ۾ اماڻي وئي، ايف آءِ اي مئنيجر خادم سومرو خلاف انڪوائري شروع ڪئي ته هن 01 ڪروڙ (10 ملين) جي فراڊ واري رقم واپس ڪرائي، الزام هيٺ آيل اڳوڻي بينڪ مئنيجر ايف آءِ اي کي جاچ دوران ٻڌايو ته غلطيءَ سان رقم منتقل ٿي وئي هئي، جيڪا واپس ڪرائي اصل مالڪ حوالي ڪئي وئي آهي، اڳوڻي برانچ مئنيجر خلاف فراڊ جي ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي، اِن کان اڳ گهوٽڪي واسي ايس ڊي ڪاٽن ملز جي مالڪ ڀڳوانداس ايف آءِ آءِ کي ڪيل شڪايت ۾ ڄاڻايو هو ته مون پنهنجي ملازم منير احمد کي 20 هزار روپين جو هڪ چيڪ ڏنو، پر ان وقت جي ريجنل مئنيجر فاروق آرائين، بئنڪ مئنيجر خادم حسين ۽ ٻئي عملي طرفان مينيج ڪري منهنجي اڪائونٽ مان هڪ ڪروڙ روپيا ٻئي اڪائونٽ ڏانهن منتقل ڪري ڇڏيا، واضع رهي ته اِن کان اڳ بااثر ڄام ظفر ڌاريجو پاران ڄاڻايل بينڪ ملازمن کي پنهنجي بنگلي تي گهرائي تذليل جو نشانو بڻايو ويو هو، جنهن جون تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيون هيون.