ڍاڪا(م ڊ) بنگلايش جي اڳوڻي ميجر جنرل فضل الرحمان پاڪ- ڀارت جنگ جي صورت ۾ ڀارت تي حملو ڪرڻ جي صلاح ڏئي ڇڏي. ميجر جنرل رٽائرڊ فضل الرحمان سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته جيڪڏهن جنگ ٿئي ٿي ته بنگلايش کي گهرجي ته ڀارت جون اوڀر واريون 7 رياستون پنهنجي قبضي ۾ وٺي، بنگلايش چين جي سهڪار سان انهن ستن ئي رياستن کي ڀارت کان ڌار ڪري سگهي ٿو. واضح رهي ته ميجر جنرل رٽائرڊ فضل الرحمان بنگلايش بارڊر گارڊ جو سربراهه رهي چڪو آهي. ڀارتي ميڊيا جي دعويٰ آهي ته هو بنگلايش جي چيف ايڊوائيزر ڊاڪٽر محمد يونس جي ويجهو آهي.