اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ اڳوڻي ايم اين اي علي وزير جو 3 ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪري ورتو، سوشل ميڊيا تي بغاوت تي لاءِ ڀڙڪائڻ واري ڪيس ۾ علي وزير کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، ايف آءِ اي 10 ڏينهن جي جسماني رمانڊ جي استدعا ڪئي جيڪا عدالت رد ڪئي ۽ علي وزير کي ٻيهر 15 سيپٽمبر تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.