اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان ايئر فورس جي اڳوڻي ايئرمارشل جواد سعيد تي بغاوت ۽ جاسوسي جي الزامن هيٺ جاچ جاري آهي، جنهن تي آپريشن سوئفٽ ريٽارٽ جي معلومات شيئر ڪرڻ جو الزام آهي. اها آگاهي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جاري ڪيس ۾ ڏني وئي آهي، جنهن ۾ جواد سعيد جي زال شازيه جواد فريادي آهي. ايئر فورس جي جج ايڊووڪيٽ جنرل ايئرڪموڊور نفيس چيمه عدالت کي ٻڌايو ته معلومات ڪهڙي ملڪ سان شيئر ڪئي وئي، ان جي جاچ جاري آهي. حساس ٽرائل جي ڪري کيس سويلين وڪيل فراهم نه ڪيو ويو. هڪ ميس کي سب جيل قرار ڏئي جيگ برانچ جا اهلڪار وي آءِ پي سهولتون فراهم ڪري رهيا آهن جن تي روز ٻه کان ٽي لک رپيا خرچ ٿين ٿا. آپريشن سوئفٽ ريٽارٽ 27 فيبروري 2019ع تي ڪيو ويو ۽ اهو پلوامه حملي بعد ڪيو ويو هو جنهن ۾ بالاڪوٽ تي ڪيل ڀارتي حملي جو جواب ڏنو ويو هو. ايئرمارشل جواد سعيد ان آپريشن جي سربراهي ڪري رهيو هو.