اڳوڻي آمريڪي صدر ڪينيڊي جي قتل بابت ڳجها دستاويز جاري، سي آءِ اي تي شڪ، سازشي وائکا نه ٿيڻ جو خدشو

0
25
اڳوڻي آمريڪي صدر ڪينيڊي جي قتل بابت ڳجها دستاويز جاري، سي آءِ اي تي شڪ، سازشي وائکا نه ٿيڻ جو خدشو
اڳوڻي آمريڪي صدر ڪينيڊي جي قتل بابت ڳجها دستاويز جاري، سي آءِ اي تي شڪ، سازشي وائکا نه ٿيڻ جو خدشو

واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي حڪم تي اڳوڻي صدر جان ايف ڪينيڊي جي قتل بابت 60 سالن کانپوءِ سمورا ڳجها دستاويز جاري ڪيا ويا، پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، آمريڪي نيشنل آرڪائيوز صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي حڪم تي 1963ع ۾ قتل ٿيل صدر جان ايف ڪينيڊي سان لاڳاپيل ڳجها دستاويز جاري ڪري ڇڏيا. پرڏيهي ميڊيا موجب، دستاويزن ۾ هڪ هزار کان وڌيڪ فائيلون ۽ 31 هزار کان وڌيڪ صفحا شامل آهن، جيڪي نيشنل آرڪائيوز اينڊ ريڪارڊز ايڊمنسٽريشن جي ويب سائيٽ تي شايع ڪيا ويا آهن. دستاويز بابت فيصلو آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان جنوري ۾ جاري ڪيل ايگزيڪٽيو آرڊر جي روشني ۾ ڪيو ويو. يونيورسٽي آف ورجينيا جي سينٽر فار پوليٽڪس ڊائريڪٽر جو چوڻ آهي ته سندن ٽيم دستاويزن جو جائزو وٺڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جي مڪمل اهميت کي سمجهڻ ۾ وقت لڳي سگهي ٿو. هن جو چوڻ هو ته جن ماڻهو جان ايف ڪينيڊي جي قتل بابت وڏن انڪشافن جي اميد هئي ، شايد انهن مايوسيءَ جو منهن ڏسڻو پوي. ٻئي پاسي ماهرن جو شڪ آهي ته ڄاڻايل دستاويز جان ايف ڪينيڊي جي قتل جي حقيقتن کي تبديل ڪري سگهن ٿا.واضح رهي ته صدر جان ايف ڪينيڊي کي 22 نومبر 1963 تي آمريڪي رياست ٽيڪساس جي شهر ڊلاس ۾ گولي هڻي قتل ڪيو ويو هو. سي آءِ اي ۽ ايف بي آءِ قومي سلامتي جي خدشن سبب هزارين دستاويزن کي هن وقت تائين ڳجهو رکيو هو جن کي هاڻي جاري ڪيو ويو آهي.

سويت يونين، ڪيوبا، مافيا ۽ نائب صدر جانسن قتل ۾ ملوث!!!

واشنگٽن: ڪيترن ئي محققن جو چوڻ آهي ته انهن دستاويزن ۾ ڪو اهڙو انڪشاف موجود ناهي جيڪو سازشي نظرين کي ختم ڪري سگهي، ان قتل جي پويان سويت يونين، ڪيوبا، مافيا يا ان وقت جي نائب صدر جانسن جو هٿ هجڻ واريون ڳالهيون سالن کان گردش ڪري رهيون آهن.

ڪيس کي 60 سال ٿي ويا، دنيا ۾ اڄ به بحث جو موضوع بڻيل

واشنگٽن: هي ڪيس 60 کانپوءِ به دنيا ۾ بحث جو موضوع بڻيل آهي، وارن ڪميشن جي رپورٽ موجب لي هاروي اوسوالڊ اڪيلي ڪينيڊي کي قتل ڪيو هو پر ڪيترائي ماڻهو ان نتيجي کان متفق نه هئا،