سڊني(اسپورٽس نيوز) اڳوڻي آسٽريليا جي ٽيسٽ ڪرڪيٽر مائيڪل سليٽر کي گهريلو تشدد جي الزام ۾ چار سال جزوي طور تي معطل قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي. جڏهن ته، اڳوڻو رانديگر، جيڪو 2024 ۾ ضمانت رد ٿيڻ کان پوءِ هڪ سال کان وڌيڪ جيل ۾ رهيو، آزاد ڪيو ويندو. جزوي طور تي معطل سزا هڪ اهڙي سزا آهي جنهن ۾ مجرم کي جيل ۾ هڪ خاص مدت گذارڻ کان پوءِ ڪجهه شرطن تي آزاد ڪيو ويندو آهي. آسٽريليا لاءِ 74 ٽيسٽ کيڏندڙ مائيڪل سليٽر کي ست الزامن ۾ سزا ٻڌائي وئي، جنهن ۾ هڪ عورت کي گلا گھونٽڻ جا ٻه الزام به شامل آهن. مٿس عورت کي فحش پيغام موڪلڻ جو به الزام هو. جج گلين ڪيش مائيڪل سليٽر کي ٻڌايو ته شراب نوشي سندس فطرت جو حصو هئي ۽ ان جو علاج آسان نه هوندو. اهو واضح آهي ته هو شراب جو عادي آهي. اپريل 2024 ۾ ڪوئنزلينڊ جي عدالت پاران ضمانت رد ٿيڻ کان پوءِ مائيڪل سليٽر بي هوش ٿي پيو ۽ آفيسرن طرفان کيس سهارو ڏنو ويو.

 

 

ان کان پوءِ هو جيل جي سلاخن پويان آهي.