اڳوڻو ڪرڪيٽر رميز راجا پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو 36هون چيئرمين مقرر

0
110
اڳوڻو ڪرڪيٽر رميز راجا

ڪراچي: اڳوڻو ڪرڪيٽر رميز راجا پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو 36هون چيئرمين مقرر ٿي ويو، پي سي بي جَي بورڊ آف گورنرز منظوري ڏئي ڇڏي، رميز راجا ذميواريون سنڀالي ورتيون، ڪجهه دير بعد پريس ڪانفرنس ڪندو.

لاھور ۾ پي سي بي جي گورننگ باڊي جي خصوصي اجلاس ۾ رميز راجا کي چيئرمين پي سي بي چونڊيو ويو، ياد رھي تھ اڳوڻي چيئرمين احسان ماني جي عھدي جو وقت پورو ٿيڻ بعد پي سي بي جي پيٽرن، وزيراعظم عمران خان 27 آگسٽ تي رميز راجا کانسواءِ اسد علي خان کي ٽن سالن جي لاءِ پي سي بي جي بورڊ آف گورنرز جو ميمبر نامزد ڪيو ھو.

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ نئين چيئرمين جي چونڊ جي لاءِ گورننگ بورڊ جو خصوصي اجلاس اڄ نيشنل ھاءِ پرفارمنس سينٽر لاھور ۾ ٿيو، جنھن جي صدارت بورڊ جي اليڪشن ڪمشنر جسٽس رٽائرڊ شيخ عظمت سعيد ڪئي.

گورننگ بورڊ جي ميمبرز عاصم واجد جواد، عاليا ظفر، اسد علي خان، عارف سعيد، جاويد قريشي، رميز راجا ۽ وسيم خان خصوصي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.