اسلام آباد (م ڊ) اڳوڻو پرڏيهي وزير گوهر ايوب خان لاڏاڻو ڪري ويو آهي.  گوهر ايوب خان اسلام آباد جي اسپتال ۾ دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو. سندن خانداني ذريعن موجب گوهر ايوب خان ڪافي وقت کان بيمار هو ۽ اسلام آباد جي اسپتال ۾ علاج هيٺ هو،  گوهر ايوب خان جي جنازي نمابز اڄ منجهند هري پور جي آباڻي ڳوٺ ريحانا ۾ ٿيندي. گوهر ايوب خان پي ٽي آءِ جي سيڪريٽري جنرل عمر ايوب جو پيءُ ۽ اڳوڻي فوجي سربراهه فيلڊ مارشل ايوب خان جو پٽ هو. گوهر ايوب خان 1937ع ۾ پيدا ٿيو. ٻئي پاسي  سينيٽ چيرئمين صادق سنجراڻي جي اڳوڻي وفاقي وير گوهر ايوب جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي.