اسلام آباد(اسپورٽس نيوز) پاڪستان جو اڳوڻو ٽيسٽ ڪرڪيتر ۽ آءِ سي سي جو اڳوڻو ميچ ريفري نوشاد علي اسلام آباد ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. سندس گهرڀاتين لاڏاڻي جي تصديق ڪئي. سندس جنازي نماز ادا ڪري مڙهه ايچ اليون قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. نوشاد علي پي سي بي جو سليڪٽر، ٽيم مئنيجر ۽ ٻين عهدن تي رهيو. هن 6 ٽيسٽ ميچن ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي. پي سي بي جي مينيجمنٽ ڪاميٽي جي چيئرمين ذڪا اشرف ۽ بورڊ ميمبرن ۽ ملازمن نوشاد علي جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي.