لاهور (م ڊ) اڳوڻو وزيراعظم  شهباز شريف  لاهور کان لنڊن روانو، پارٽي سربراهه نواز شريف سان به ملاقات ڪندو، شهباز شريف اڏام ڪيو آر 629  ذريعي لاهور کان لنڊن روانو ٿي ويو، هو دوحا کان لنڊن پهچندو، اڳوڻي وفاقي وزير مريم اورنگزيب به تصديق ڪئي آهي ته شهباز شريف  لاهور کان لنڊن روانو ٿي ويو آهي، پنهنجي ٽويٽ بيان ۾ هن چيو ته لنڊن جي دوري دوران شهباز شريف پارٽي جي سربراهه نواز شريف سان ملاقات ڪندو، پارٽي ذريعن موجب ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ملاقات دوران نواز شريف جي  وطن واپسيءَ تي مشاورت ٿيندي، ن ليگ جي قانوني ٽيم  پارٽي  قائد کي وطن واپسي بابت قانوني پهلوئن تي بريفنگ ڏيندي.