ڪشمور (رپورٽر) روجھاڻ مزاري سان تعلق رکندڙ برک سياستدان اڳوڻو نگران وزيراعظم بلخ شير مزاري ڪافي عرصي کان بيمار رهڻ بعد لاھور جي خانگي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، مڙھ اباڻي شهر روجھاڻ مزاري آندو ويندو جتي تدفين ڪئي ويندي، بلخ شير مزاري جي وفات بعد اڳوڻي ضلعي ناظم ڪشمور سردار سليم جان مزاري پ پ ايم اين اي سردار احسان الرحمان مزاري، ايم پي اي حاجي عبدالرئوف ۽ ڪشمور جي ھندو پنچائت شھرواسين پاران ڏک جو اظهار ڪيو، اڄ ڪشمور شهر مڪمل بند رکيو ويندو.