نوابشاهه (بيورو رپورٽ) اڳوڻو صدر پاڪستان آصف علي زرداري ڪراچي کان هيليڪاپٽر ذريعي نوابشاهه بلاول اسٽيڊيم پهتو، جتي پ پ پ ڊيويزنل صدر ضياءُ الحسن النجار، علي حسن زرداري، عاشق حسين زرداري سندس آجيان ڪئي، جڏهن ته آصف علي زرداري اسٽيڊيم کان زرداري هائوس نوابشاهه پهچي ويو، ذريعن موجب ته آصف علي زرداري ڪجهه ڏينهن لاءِ نوابشاهه ۾ قيام ڪندو ۽ ضلعي شهيد بينظير آباد جي سياسي سرگرمين جو جائزو وٺڻ لاءِ پارٽي ورڪرن ۽ عهديدارن سان ملاقاتون ڪندو ۽ پنهنجي وڏڙن جي قبرن تي پڻ حاضري ڀريندو.