مٽياري(رپورٽر) سروري جماعت ضلعي صدر مٿان ٿيل حملي ڪيس ۾ هاءِ ڪورٽ اڳوڻي سينيٽر سيد محمد علي شاهه جو ڪيس مان نالو خارج ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ياد رهي ته ڪجهه عرصو اڳ سروري جماعت جي ضلعي صدر رازق ڏنو همون پوٽو مٿان ڳوٺ کان مٽياري ايندي حملو ٿيو هو، ڪيس ۾ هن اڳوڻي سينيٽر سيد محمد علي شاهه ڄاموٽ کي به ڪيس ۾ نامزد ڪرڻ لاءِ سول جج اينڊ جوڊيشنل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ درخواست ڏني هئي، جنهن بعد سول جج جي عدالت اڳوڻي سينيٽر محمد علي شاهه جو نالو ڪيس ۾ داخل ڪري ڪيس هلائڻ جو حڪم ڏنو هو، جنهن بعد محمد علي شاهه ڄاموٽ پنهجي وڪيل ٿرو سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد ۾ درخواست داخل ڪرائي هئي، جنهن تي عدالت سڳوري محمد علي شاهه جو نالو ڪيس مان خارج ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.