سڪرنڊ (ن پ ا) اڳوڻو چيف سيڪريٽري سنڌ ۽ بلوچستان ڪي بي رند 74 سالن جي ڄمار ۾ دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو، سندس جنازي نماز عدنان هال سڪرنڊ ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ پ پ ايم پي اي غلام قادر چانڊيو ، درگاهه پير ذاڪري جو گادي نشين سيد منير شاهه ذاڪري، نديم ابڙو، عبدالرشيد، علي اڪبر جمالي، مير محمد سيال ۽ علائقي واسين شرڪت ڪئي، جنازي نماز بعد کيس آلين اکين سان اباڻي قبرستان ڳوٺ قلعي بخش رند جي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، سندس تڏو سڪرنڊ ۾ وڇايو ويو آهي، سندس پوئينرن ڀاءُ اڳوڻي وفاقي سيڪريٽري گل محمد رند، ڀاءُ پ پ اڳواڻ اصغر رند، پٽ سڪندر حيات رند ۽ ٻين سان تعزيت جو سلسلو جاري آهي.