اڳوڻو آمريڪي صدر جمي ڪارٽر لاڏاڻو ڪري ويو، سوڳ جو اعلان

0
18
اڳوڻو آمريڪي صدر جمي ڪارٽر لاڏاڻو ڪري ويو، سوڳ جو اعلان
اڳوڻو آمريڪي صدر جمي ڪارٽر لاڏاڻو ڪري ويو، سوڳ جو اعلان

واشنگٽن / اسلام آباد (م ڊ) اڳوڻو امريڪي صدر جمي ڪارٽر 100 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. امريڪي ميڊيا موجب، جمي ڪارٽر آچر ڏينهن منجهند ٻئي وڳي پنهنجي گهر  ۾ دم ڏنو. جارجيا جي مڱيرن جو آبادگار جمي ڪارٽر امريڪا جو  39 هون صدر هو، سندس تعلق ڊيموڪريٽڪ پارٽي سان هو، هن 1977ع کان 1981ع تائين آمريڪا جي صدر طور ذميواريون نڀايون. جمي ڪارٽر کي 2002ع ۾ امن جي ڪوششن تي نوبل جي انعام سان به نوازيو ويو. سندس جي لاڏاڻي تي سوڳ جو اعلان ڪيو ويو، ٻئي پاسي امريڪي صدر جوبائيڊن اڳوڻي صدر جمي ڪارٽر جي سرڪاري اعزاز سان تدفين جو اعلان ڪيو آهي، صدر آصف زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف جمي ڪارٽر جي لاڏاڻي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. جمي ڪارٽر جڏهن آمريڪي صدر هو ان وقت پاڪستان جي  اڳوڻي وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاهي ملي هئي جنهن تي جمي جو چوڻ هو ته اسان جي انتهائي ويجهي دوست ڀٽو سان تمام بُرو ٿيو.