واشنگٽن (م ڊ) پاڪستاني صحافيءَ سان ناجائز لاڳاپن جي الزام تي اڳوڻي آمريڪي سفير رچرڊ اولسن خلاف جاچ جو حڪم ڏنو ويو آهي. پاڪستان ۾ مقرري دوران عورت صحافي سان لاڳاپن ۽ دبئي جي امير پاران ڏنل مهانگو تحفو حڪومت کي ڏيڻ بدران پنهنجي سس کي ڏيڻ تي رچرڊ اولسن خلاف جاچ شروع ٿي وئي آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب انڪوائري کي منهن ڏيندڙ اڳوڻو آمريڪي سفير رچرڊ اولسن 2016ع ۾ رٽائرڊ ٿيو هو. کيس ملڪ جو قابل ترين سفارتڪار سمجهيو ويو ٿي. هو گڏيل عرب امارتن ۾ به خدمتون انجام ڏئي چڪو آهيپر پرڏيهي کاتي کي بي ضابطگين جا پڪا ثبوت مليا آهن جن سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو آهي. آمريڪي پرڏيهي کاتي پاران جمع ڪرايل دستاويزن موجب اڳوڻو آمريڪي سفير “ڊيٽنگ” جو عادي هو، جنهن ڪري آمريڪي راز خطري ۾ پئجي ويا هئا، جڏهن ته هن قيمتي تحفا به پاڻ وٽ رکي ڇڏيا. دستاويزن موجب پاڪستان ۾ 2012 کان 2015 تائين رچرڊ اولسن ڪيترين ئي عورتن سان لاڳاپا رکيا جن ۾ هڪ پاڪستاني عورت صحافي به شامل آهي. هن سفارتڪاري جي پروٽوڪول جي ابتڙ عورت صحافيءَ کي ڪولمبيا يونيورسٽي مان گريجوئيٽ اسڪول آف جرنلزم ۾ داخلا به ڏياري. اولسن پاڪستاني صحافي دوست مونا حبيب کي نه رڳو داخلا ڏياري پر آمريڪا ۾ رهندڙ هڪ پاڪستاني واپاريءَ کان 25 هزار ڊالر ٽيوشن في جي مد ۾ به اسڪالرشپ ڏياري. ايف بي آءِ پاڪستاني عورت صحافي کان نه ان معاملي تي جاچ ڪئي آهي. چيو پيو وڃي ته آمريڪي سفير لاڳاپن جي ٽن سالن بعد صحافي مونا حبيب سان 2019 ۾ شادي ڪري ورتي هئي ۽ پنهنجي زال جيڪا پاڻ به هڪ سفير هئي، ان کي طلاق ڏئي ڇڏي هئي. ان کان سواءِ آمريڪي پرڏيهي کاتي جي انسپيڪٽر جنرل اڳوڻي سفير رچرڊ اولسن خلاف ان ڳالهه جي به جاچ ڪئي ته دبئي ۾ امير جي پاران ڏنل 60 هزار ڊالر جا هيرن جا ڳھه حڪومت کي ٻڌائڻبنا ئي هن پنهنجي سس کي ڏئي ڇڏيا. انڪوائري دوران رچرڊ اولسن 2 اعتراف به ڪيا ته پهرين پاڪستان ۾ مقرري دوران خليج فارس جي هڪ سيڙپڪاري فرم ۾ نوڪري جي انٽرويو ۾ شرڪت لاءِ 18 هزار ڊالر جو فرسٽ ڪلاس وٺڻ ۽ 2017ع ۾ قطر جي حڪومت پاران آمريڪي اختيارين خلاف غير قانوني لابنگ ڪرڻ شامل آهي. جڏهن ته مٿس انهن الزامن هيٺ فرد جرم لاڳو ناهي ٿيو، آمريڪي اختيارين جو چون آهي ته سندس اهي ڪم غير اخلاقي زمري ۾ اچن ٿا. ڪيسن ۾ کيس اڄ واشنگٽن ڊسٽڪٽ ڪورٽ ۾ سزا ٻڌائي ويندي، جيڪا 6 مهينا قيد ٿي سگهي ٿي.