ڪراچي: سنڌ حڪومت پاران اڳوڻن وزيرن، صلاحڪارن ۽ خاص معاونن کان سرڪاري گاڏيون واپس ڪرائڻ لاءِ کين خط لکيو ويو آهي. ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ته سنڌ جي سروسز اينڊ جنرل ايڊمنسٽريشن کاتي جي اختيارين پاران چيف سيڪريٽري جي هدايتن تي پيپلز پارٽي جي اڳوڻن وزيرن، صلاحڪارن ۽ خاص معاونن کي خط لکي کين هدايت ڪئي وئي آهي ته سرڪاري گاڏيون واپس ڪيون وڃن، ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪيترن ئي وزيرن پاران چونڊيل حڪومت جو 11 آگسٽ تي مُدو مڪمل ٿيڻ باوجود اڃا تائين سرڪاري گاڏيون واپس نه ڪيون ويون آهن، جنهن ڪري چيف سيڪريٽري جي هدايت بعد کين خط لکي سرڪاري گاڏيون واپس ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.