اڳوڻن ايم پي ايز، صلاحڪارن۽ خاص معاونن سرڪاري گاڏين مان هٿ نه ڪڍيا، واپسي نگرانن لاءِ چيلنج

0
182
اڳوڻن ايم پي ايز، صلاحڪارن۽ خاص معاونن سرڪاري گاڏين مان هٿ نه ڪڍيا، واپسي نگرانن لاءِ چيلنج
اڳوڻن ايم پي ايز، صلاحڪارن۽ خاص معاونن سرڪاري گاڏين مان هٿ نه ڪڍيا، واپسي نگرانن لاءِ چيلنج

ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ جا اڳوڻا صلاحڪار، خاص معاون ۽ ڪوآرڊدينيٽر توڙي ايم پي اي حڪومتي مُدو مڪمل ٿيڻ باوجود سرڪاري گاڏين تي قابض، 10 سياستدانن سرڪاري گاڏيون واپس نه ڪيون، نگران سرڪار لاءِ به گاڏيون واپس ڪرائڻ چيلينج بڻيل، چيف سيڪريٽري جي هدايتن تي اڳوڻن صلاحڪارن ۽ ايم پي ايز کي گاڏيون واپس ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي

ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ته 11 آگسٽ تي اڳوڻو چونڊيل حڪومت جو 5 سال مُدو مڪمل ٿيڻ کان پوءِ سنڌ جي اڳوڻي  10 صلاحڪارن ۽ خاص معاون توڙي ڪوآرڊينيٽرن پاران مهانگيون سرڪاري گاڏيون واپس ڪرڻ بجاءِ پنهنجي استعمال هيٺ رکيون آهن. اڳوڻي خاص معاون ۽ پيپلز پارٽي جي اڳواڻ وقار مهدي ڪورولا 2016 ماڊل (جي ايس ڊي 538)، عروسه رباني ڪورولا 2016 ماڊل (جي ايس ڊي 389)، اڳوڻي ايم پي اي بنده علي خان لغاري ڪورولا ماڊل 2015 (جي ايس سي (298)، مولا بخش مبيجو ڪورولا ماڊل 2015 (جي ايس سي(874)

اينٽي ڪرپشن ۽ جھنگلي جيوت جي اڳوڻي صلاحڪار بنگل خان مهر ڪورولا ماڊل 2011 (جي ايس بي 877)، اڳوڻي وڏي وزير جي اڳوڻي اسپيشل اسسٽنٽ جاويد ناياب لغاري پاران ڪورولا ماڊل 2011 (جي ايس اي 069)، اڳوڻي وڏي وزير جي اڳوڻي ڪوآرڊينيٽر حنا دستگير وٽ ڪورولا ماڊل 2011 (جي ايس اي 102)، اڳوڻي ايم پي اي سجيلا لغاري پاران ڪورولا ماڊل 2014 (جي ايس بي 874)، اڳوڻي ڪوآرڊينيٽر سڪندر بلوچ وٽ ڪورولا ماڊل 2017 (جي ايس اِي 005) ۽ پبلڪ اڪائونٽ ڪميٽي جي اڳوڻي چيئرمين غلام قادر چانڊيو پاران فارچونر ماڊل 2015 (جي ايس سِي 297) گاڏي اڃا تائين لاڳاپيل اختيارين حوالي ناهي ڪئي وئي

حڪومتي مُدو پورو ٿيڻ باوجود ڄاڻايل سياستدانن مهانگيون سرڪاري گاڏيون واپس ڪرڻ بجاءِ پنهنجي استعمال هيٺ رکي ڇڏيون آهن. جڏهن ته سروسز اينڊ جنرل ايڊمنسٽريشن کاتي جي اختيارين پاران ڄاڻايل اڳوڻن صلاحڪارن، خاص مددگارن ۽ ايم پي ايز کي خط لکي کين سختي سان هدايت ڪئي وئي آهي ته مهانگيون سرڪاري گاڏيون سندن هيٺ استعمال ٿيڻ غيرقانوني عمل آهي، ان ڪري گاڏيون بِنا دير لاڳاپيل کاتي جي اختيارين حوالي ڪيون وڃن، جيئن موجوده نگران وزيرن ۽ نئين مقرر ٿيندڙ وزيرن کي سرڪاري گاڏيون سندن استعمال لاءِ ڏئي سگھجن

هي به پڙهندا

آءِ ايم ايف 200 يونٽ وارن بجلي صارفين لاءِ نرمي تي متفق، گئس جي قيمت ۾ واڌ جو مطالبو