لاهور(اسپورٽس نيوز) قومي ٽيم جي اڳوڻن ڪرڪيٽرن افغانستان هٿان بدترين شڪست جو ذميوار بورڊ چيئرمين، ڪوچز، چيف سليڪٽر ۽ ڪپتان  بابر اعظم کي قرار ڏئي ڇڏيو، شعيب ملڪ چيو ته  بابر هڪ سٺو بيٽر آهي ڪپتان نه، خانگي پروگرام ۾ ڳالهائيندي وسيم اڪرم ۽ مصباح الحق ناراضگي جو اظهار ڪندي چيو ته سڀ شڪست جا ذميوار آهن، رانديگرن کي جارحاڻي راند سيکارڻي پوندي.  اڳوڻي ڪرڪيٽر معين خان شعيب ملڪ جي بيان جي حمايت ڪندي چيو ته بابر 4 سالن کان ڪپتاني ڪندو پيو اچي پر ڪٿي به ان جي ڪپتاني ۾ بهتري نظر نه آئي. ڪپتان لاءِ وقات سان گڏ شين کي سکڻ جي ضرورت آهي. صورتحال تحت مخالف ٽيم کي پريشر ۾ آڻڻ جي ضرورت هوندي آهي اها بابر ۾ ناهي. جتي وڪيٽ وٺڻي هجي اتي فيلڊر نٿا بيهاريا وڃن. جيڪو هڪ ڪپتان جي حڪمت عملي ۾ نظر اچڻ گهرجي.