اسلام آباد (بيورو رپورٽ) احتساب عدالت نيب ريفرنسز ۾ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ راجا پرويز اشرف کي به طلب ڪرڻ جا نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. ٻنهي اڳوڻن وزيراعظمن کي احتساب عدالت هڪ ۽ 3 نوٽيس جاري ڪيا. احتساب عدالت هڪ شاهد خاقان عباسي کي ايل اين جي ريفرنس ۾ 14 نومبر تي طلب ڪري ورتو جڏهن ته راجا پرويز اشرف کي رينٽل پاور ريفرنس ۾ 14 نومبر تي طلب ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف احتساب عدالت 3 راجا پرويز اشرف کي چئن ڪيسز ۾ نوٽيس جاري ڪيا آهن. احتساب عدالت شاهد خاقان عباسي، راجا پرويز اشرف کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪيو آهي.