ميھڙ: شھري اتحاد جي چيئرمين ۽ جي ڊي اي اڳواڻ نياز علي ٻرڙو، جي ڊي اي اڳواڻ ڊاڪٽر غلام عباس مھيسر، وڪيل شير علي چانڊيو پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آھي ته گذريل ڏھاڙي سنڌي ٻٽڙا ۾ پوليس چڙھائي ۽ ڀرٽ برادري جي عورتن جي گرفتاري تان پوليس ۽ ڀرٽ برادري ۾ ڇڪتاڻ بعد ميھڙ ٿاڻي تي پوليس ۽ ڀرٽ برادري ۾ جھيڙو ٿي پيو، پوليس واقعي ۾ ملوث ماڻھن تي ايف آءِ آر ڪرڻ بجاءِ جي ڊي اي جي ٻن ڪائونسلرن ۽ ھڪ ڪارڪن سميت نوجوان صحافي جي خلاف ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو آھي اسان گذريل ڏھاڙي 2 ڪروڙ روپين جي چوري جي مسئلي ۽ بدامني خلاف آواز اٿاريو جنھن تان ايس ايس پي دادو اسان جي ماڻھن خلاف ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو آھي، سياسي مخالفت سبب ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو آھي، ھنن چيو ته عبدالفتاح شاھه، اسماعيل بروھي ، عمران تيوڻو ، نادر چانڊيو جو ھن واقعي سان سڌي ها اڻ سڌي طرح ڪو به تعلق ناھي ھنن جا صرف شھري مسئلن تي آواز اٿارڻ تي ڪيس ۾ نالا شامل ڪيا ويا آھن، ھنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد کان گھر ڪئي آھي ته ميھڙ ۾ دھشتگردي ائڪٽ تحت داخل ڪيس ۾ جي ڊي اڳواڻن ۽ صحافين کي شامل ڪرڻ واري واقعي جي شفاف انڪوائري ڪئي وڃي ۽ ٿاڻي تي حملي ڪندڙ اصلي ڏوھارين کي قانوني ڪٽھڙي ۾ آڻي بي گناھه ماڻھن تي داخل ڪيل ڪوڙا ڪيس ختم ڪيا وڃن، ٻي صورت ۾ انڊس ھاءِ وي تي احتجاجي ڌرڻو هڻنداسين. .