اڄ عِيدَ جو ڏينهن آهي. رمضام مبارڪ جي پڄاڻيءَ تي عِيد الفطر جو ڏڻ ملهايو ويندو آهي. عيد سان خوشين جو تصور سلهاڙيل آهي پر ڪئين ڏهاڪن کان خوشيون سنڌ جو دڳ ڀُلجي ويون آهن. سڄي دُنيا وانگر سنڌ ۾ عيد اچي ٿي پر هتي عيد خوشين کان خالي هڪ روايتي تهوار بڻجي رهجي وئي آهي، جنهن جو سبب سنڌ ۾ اهو آهي ته هتي شديد غربت جو فصل پچي راس ٿيو آهي. ماڻهو سڄو سال پنهنجو رت ست ڏين ٿا پر ان جي باوجود اُهي پنهنجي ٻچن لاءِ خوشين جا ٻه پل خريد نٿا ڪري سگهن. سنڌ جي اڪثريت هاڻي اهڙن ماڻهن جي آهي، خوشيون جن لاءِ ممنوع بڻايون ويون آهن. سُکَ ۽ سُڪار جي ڌرتيءَ کان خُوشيون رُسي ويون آهن. اڄوڪي ڏينهن تي انهن محروم ماڻهن کي پنهنجين خوشين ۾ شامل ڪرڻ جي ضرورت آهي، جن لاءِ خوشيون مُلهه مهانگيون آهن
ڪجهه ماڻهو اهڙا آهن، ڏُکَ ۽ اهنج ته پري جي ڳالهه، نامهربان موسمن جي تلخي به اُنهن جي ڀر مان نٿي گُذري. اُنهن لاءِ سال 365 ڏهاڙا عيد جا ڏينهن آهن. خوشيون انهن جي در جون ٻانهيون ۽ گوليون آهن، پر سنڌ ۾ رهندڙن جي اڪثريت کي سالَ جا ٻه ڏهاڙا به عيد جا، يعني خوشين جا ميسر ناهن. عيدون مذهبي ڏڻ هجڻ سان گڏوگڏ سماجي ۽ ثقافتي تهوار پڻ آهن. عيد ڪلچر جو حصو بڻجي وئي آهي، ان ڪري عيدن کي ان تناظر ۾ پڻ ڏسڻ جي ضرورت آهي. سنڌ ته پنهنجي مزاج ۽ سرشت ۾ روادار رهندي آئي آهي، ان ڪري سنڌ ۾ عيدن جي ڏهاڙن تي صرف مسلمان ئي نه پر ٻين مذهبن سان تعلق رکندڙ ماڻهو به خوشيون ونڊيندا آهن.
هن ڀيري عيد تڏهن آئي آهي، جڏهن سنڌ اُڃايل آهي، سنڌ ۾ اُڃَ ۽ اُساٽَ آهي. نه صرف سنڌ جون زمينون اُڃايل آهن پر سنڌ جي ماڻهن وٽ به پيئڻ جو پاڻي نه آهي. ان هاڃي کي وڌيڪ سرس ۽ سوايو ڪرڻ لاءِ 6 نوان ڪينال ٺاهي، سنڌ جي ساههَ سنڌوءَ کي قيد ڪرڻ جا سانباها ڪيا پيا وڃن. سنڌ جا ماڻهو پنهنجي درياءَ جي حوالي سان حساس آهن. اهو معاملو صرف درياءَ جي جيئاپي ۽ وجود جو ئي نه آهي، ان درياءَ تي انحصار رکندڙ ماڻهن جي زندگي ۽ موت جو پڻ سوال آهي. انهن ڪينالن خلاف سنڌ جا ماڻهو سراپا احتجاج آهن. انهن رمضان مبارڪ جو سڄو مهينو شديد احتجاج ڪيو آهي ۽ عيد واري ڏينهن به انهن جي احتجاج جي جوت جهڪي نه ٿي آهي. سنڌ جي ماڻهن جي ڪاوڙ ويتر وڌندي وڃي، جو انهن سان ڪينالن جي حوالي سان غلط بياني ڪئي پئي وڃي. اڄ عيد جو ڏينهن به سنڌ ۾ احتجاج جو ڏينهن آهي. درياءَ کان سواءِ سنڌ جي ماڻهن جون عيدون ڪهڙيون؟
هونئن ته سڄي ملڪ ۾ امن و امان جي صورتحال آئيڊيل ته پري جي ڳالهه، اهڙي به نه آهي، جنهن کي اطمينان جوڳي چئي سگهجي. سنڌ ۾ ته حالتون وڌيڪ خراب آهن. ڌاڙيل ڇيڪ ڇڏيا ويا آهن. ڀنگ خاطر اغوا هڪ صنعت جي صورت اختيار ڪري چُڪي آهي، پر لڳي ائين ٿو ته سنڌ ۾ امن امان ڄڻ منتظمين جي انتظامي ايجنڊا جو حصو ئي نه هجي. اڄ عيد جي ڏينهن به مغوين جو وڏو تعداد ڌاڙيلن جي گرفت ۾ آهي. پوليس انهن جي بازيابيءَ لاءِ ڪوبه ڪردار ادا نه پئي ڪري. ماڻهن کي اغوا ڪري اُنهن تي تشدد واريون وڊيوز وائرل ڪيون پيون وڃن، پر مجال آهي جو حُڪمرانيءَ کي دلپشوري سمجهندڙ حڪمران ان کي سنجيده وٺي ڪو اثرائتو تحرڪ وٺن. صرف اهو ئي نه، سنڌ ۾ خوني تڪرارن جي باهه، وقت جي مختصر وٿيءَ کان پوءِ ڀڙڪي اُٿي آهي. جيڪي ماڻهو خوني تڪرارن ۾ مارجي ويا آهن، انهن جي گهرن ۾ اڄ عيدَ جي ڏينهن به ماتم برپا آهي.
اڄ عِيدَ جي ڏهاڙي تي امن امان جي حوالي سان فُول پروف سيڪيورٽي جي ضرورت آهي. عِيد نماز جا اجتماع ۽ ٻيا ميڙاڪا دهشتگردن جو سافٽ ٽارگيٽ ٿي سگهن ٿا. ان ڪري امن امان جي حالتن کي ضابطي ۾ رکڻ ۽ سانت ۽ سُڪون سان وير رکندڙ قوتن کي بهتر انتظامي اپائن وسيلي ناڪيلي وجهڻ جي ضرورت آهي.