ڪراچي/لاهور (شوبز نيوز)پاڪستان جي خوبصورت، نوجوان اداڪار، گلوڪار، ماڊل ۽ ٽي وي ميزبان عمران عباس شادي نه ڪرڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو. فوٽو ۽ وڊيو شيئرنگ پليٽ فارم انسٽاگرام تي اداڪار هڪ انسٽاگرام اسٽوري شيئر ڪئي ۽ ٻڌايو ته هو اڃا تائين اڪيلو ڇو آهي؟. هن پنهنجي انسٽاگرام اسٽوري شيئر ڪندي هن وقت تائين شادي نه ڪرڻ جو دلچسپ سبب ٻڌايو آهي. عمران عباس پنهنجي انسٽاگرام اسٽوري ۾ لکيو ته هن کي اڪيلو رهڻ پسند آهي.