واشنگٽن(انٽريسٽنگ نيوز) امريڪي ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته اڪيلائپ جي ڪري ٿولهه، غير فعال ٿي وڃڻ ۽ ايتري تائين جو ڏهاڙي 15 سگريٽ ڇڪڻ کان به وڌيڪ خطرناڪ آهي. سرجن جنرل ڊاڪٽر ويويڪ مورتي هلندڙ هفتي گڏيل قومن جي سماجي رابطي جي حوالي سان ٺاهيل ڪميشن ۾ شموليت اختيار ڪئي جنهن جو مقصد عالمي سطح تي اڪيلائي ۽ ان سبب فالج، بيچيني، ڊپريشن ۽ خودڪشي جي وڌندڙ لاڙن کي منهن ڏيڻ آهي،
ڊاڪٽرن موجب گذريل ڪجهه سالن ۾ اڪيلائي جي شدت ۾ اضافو ڏسڻ ۾ آيو آهي ڪووڊ لاڪ ڊائون دوران ان ڪيفيت بدترين صورت اختيار ڪري ورتي آهي. 2 ڏهاڪا پهرين آمريڪي پنهنجي دوستن سان ڏهاڙي هڪ ڪلاڪ تائين وقت گذاريندا هئا جيڪي 2020 ۾ گهٽ ٿي ڪري تقريبن 20 منٽن تائين ٿي ويو. صحت واري عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او) جو چوڻ آهي ته اهو مسئلو آمريڪي سرحدن وٽ وڌيڪ آهي. هڪ تحقيق موجب 1.4 پوڙها ماڻهو معاشرتي طور تي اڪيلائي جو شڪار آهن. جڏهن ته پنجن مان 15 سيڪڙو نوجوان ان مسئلي ۾ ڦاٿل آهن. ڊاڪٽرن جو چوڻ هو ته اسان ان مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ معاشري ۾ نئين سر تعمير لاءِ سرمائيڪاري ڪرڻ جي ضرورت آهي.