ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار اڪشي ڪمار پنهنجي ساٿي اداڪار پاريش راول خلاف 25 ڪروڙ رپين جي ڏنڊ جو دعويٰ داخل ڪرائي ڇڏي آهي. ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب، اڪشي ڪمار فلم هيرا ڦيري ٿري مان بنا ڪنهن اطلاع جي واڪ آئوٽ ڪرڻ ۽ فلم جي فرنچائز کي نقصان رسائڻ تي پاريش راول کي قانوني نوٽيس موڪليو. ان حوالي سان فلم جي هدايتڪار پريا درشن جو چوڻ آهي ته مون کي پاريش راول طرفان هيرا ڦيري ٿري ۾ ڪم نه ڪرڻ جو فيصلو ٻڌي وڏي حيرت ٿي آهي.“ ميڊيا رپورٽن موجب، فلم جي پروڊيوسر ۽ اداڪار اڪشي ڪمار پاران موڪليل قانوني نوٽيس ۾ الزام هنيو ويو آهي ته پاريش راول جي واڪ آئوٽ سبب فلم جي شهرت ۽ واپاري مفادن کي نقصان پهتو، جنهن تي 25 ڪروڙ ڀارتي رپين جي هرجاڻي جي دعويٰ داخل ڪئي وئي آهي. واضح رهي ته هيرا ڦيري فلم جو پهريون حصو سال 2000ع ۾ پريا درشن جي هدايتڪاري هيٺ رليز ٿيو هو، ملڪ جي مُک ڪاسٽ ۾ اڪشي ڪمار، سنيل شيٽي ۽ پاريش راول شامل هئا، ان کانسواءِ سال 2006ع ۾ ساڳئي ڪاسٽ سان گڏ ان جو ٻيو حصو ڦر هيرا ڦيري جي نالي سان جاري ڪيو ويو هو، جيڪو پڻ ڪامياب ثابت ٿيو.