اڪري چودڳي(ن پ ا ) اڪري چودڳي ڀرسان ڳوٺ حاجي پيروز شر واسي پورهيت غلام مرتضيٰ شر پنهنجي معصوم ٻارن سميت پريس ڪلب اڪري چودڳي پهچي دانهيو آهي ته سندس ويڳو ڀاءُ علي بخش خريد ڪيل پلاٽ تي قبضو ڪري ويهي رهيو آهي ويڳي ڀاءُ 2020ع ۾ پلاٽ مون کي وڪرو ڪيو هو، اهڙي لکت به دستاويز ذريعي موجودآهي نيڪ مردن جي ڪيل فيصلو به قبول نه ٿو ڪري ۽ پلاٽ تي بااثرن جي مدد سان زبردستي گهر ٺاهي رهيو آهي، هن دانهيو ته ويڳي ڀاءُ امڙ کي ورغلائي گهرڀاتين جي غيرموجودگي ۾ گهر ۾ پيل قيمتي سامان به کڻي ويو آهي اهڙي دانهن اڪري پوليس توڙي ايس ايس پي خيرپورکي به ڏني آهي پر ڪوبه تدارڪ ناهي ٿي سگهيو آهي، هن ايس ايس پي خيرپور۽ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته پلاٽ تان قبضو ختم ڪرائي کيس پنهنجو حق ڏياريو وڃي.