اڪري چودڳي(ن پ ا) اڪري چودڳي ڀرسان سانجاھو واسي زال مڙس جنسار ۽ مسمات منظوران لاشاري احتجاج ڪندي دانھيو ته بااثر سئوٽ ۽ ڀائر علي ڏنو، اطهر، اظهر، صلاح الدين اسان جي گهر تي حملو ڪري مارڪٽ ڪئي ۽ عورتن ۽ ٻارن کي تشدد جو نشانو بڻايو، هنن چيو ته بااثرن ڌمڪيون ڏنيون ته گهر خالي ڪري لڏي وڃو نه ته توهان کي قتل ڪيو ويندو، هنن دانهيو ته اسان جي ڌيءُ ڪورٽ معرفت برادري جي نوجوان سان پسند جي شادي ڪئي هئي، ان بنياد تي اسان کي پنھنجي برادري مان ڪڍيو ويو ھو، جنھن جو اسان جي علائقي جي نيڪ مرد وٽ فيصلو ٿيو ۽ اسان 10 لک رپيا ڏنڊ پڻ ڀريو آهي، پر ان باوجود بااثر تنگ ڪري رهيا آهن، هنن نوٽيس وٺي تدارڪ ڪرڻ جي گهر ڪئي.