اڪري چودڳي (ن پ ا) اڪري چودڳي ڀرسان مهراڻ هاءِ وي تي ٽن موٽر سائيڪل سوار 6 هٿياربندن پمپ عملي کي يرغمال بڻائي هڪ لک 35 هزار روڪ رقم ۽ موبائل فون ڦر ڪري فرار ٿي ويا، ڦر واقعي دوران ايس ايچ او ميرواھ مصور قريشي به موجود هو، جنهن ڪا به مزاحمت نه ڪئي ۽ ڪارڪاهي هليو ويو، ٻئي طرف اڪري واسي اڳوڻي ڪائونسلر نياز سانگي کان نامعلوم هٿياربند موٽر سائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي ويا، واقعن خلاف مڇريل ماڻهن 2 ڪلاڪ مهراڻ هاءِ وي بند ڪري احتجاج ڪيو، جنهن سبب روڊ جي ٻنهي طرفن کان گاڏين جون قطارون لڳي ويون، بعد ۾ پوليس پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪري روڊ کولرايو.