اڪري چودڳي (ن پ ا) اڪري چودڳي ۾ 100 سالا قديمي ڪربلا جي شهيد شهزادهه قاسم جي ياد ۾ کنڀي جو ماتمي جلوس برآمد ڪيو ويو، جنهن ۾ نوحا خواني، مجلس عزا ۽ ضرب جي ماتم ذريعي ڀيٽا پيش ڪئي وئي، مختلف امام بارگاهن ۽ ڳوٺن مان آيل 50 جي لڳ ڀڳ قافلن مرڪزي ماتمي جلوس ۾ شرڪت ڪئي، اڪري شهر جي مک چوڪ تي مختلف انجمنن نوحا خواني ڪئي ۽ مجلس عزا منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ عالمن ۽ ذاڪرن ڪربلا جي ميدان ۾ اسلام جي بقا لاءِ آل رسول جي ڏنل قربانين جي مقصد ۽ مفهوم تي روشني وڌي، ماتمي جلوس شبيهن، زيارتن ۽ المن سان گڏ درگاھ سيد ابراهيم شاهه بخاري پهتو، جتي سيدن جي حويلي تان شهزادهه قاسم جي ميندي، سيج ۽ موڙن سميت ٻيون زيارتون برآمد ٿيون، جڏهن ته عورتن جي مجلس پڻ برپا ڪئي وئي.