اڪري چودڳي(ن پ ا) اڪري چودڳي ۽ ڀرپاسي ارڙي ڦهلجي وئي، هڪ ٻارڙي فوت، 3 ٻار مبتلا، خبر موجب اڪري ۽ ڀرپاسي ارڙي ڦهلجي وئي آهي، ڪالهه ڳوٺ بادل فقير شر ۾ 2 سالا مرڪ ڌيءُ اعجاز شر ارڙي وگهي فوت ٿي وئي، جڏهن ته ڳوٺ ۾ ارشد، عشا ۽ ارم بيبي ارڙي ۾ مبتلا آهن، جن جو مقامي سطح تي علاج ڪيو پيو وڃي، وارثن موجب ٻارن کي جسم تي داڻن بعد تيز بخار اچي ٿو، جنهن بعد ٻار نڊال ٿي وڃن ٿا، هنن چيو ته اطلاع باوجود صحت کاتي جو ڪو به عمدار ناهي آيو، هنن مطالبو ڪيو ته ڊاڪٽرن جون ٽيمون اماڻي ارڙي تي ضابطو آندو وڃي.