اڪري چودڳي (ن پ ا) اڪري چودڳي ڀرسان سرڪاري هاءِ اسڪول ۾ ايڪتا تقريب منعقد ڪئي وئي، پروگرام ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين ثقافتي ويس پهري شرڪت ڪئي ۽ قومي گيتن تي رقص ڪيو، تقريب ۾ ٽيبلوز پيروڊي ۽ اصلاحي خاڪن ذريعي سنڌ جي ثقافت جي اهميت ۽ افاديت کي اجاگر ڪيو ويو، ان موقعي تي سميع ڀنڀرو، شفيع محمد، عبدالوهاب، مظفر شر ۽ ٻين چيو ته سنڌ ۽ سنڌي ثقافت پنهنجي شاندار روايتن، رسمن ۽ رواجن سبب ڌرتي جي هن گولي تي پنهنجو الڳ مقام رکي ٿي، هنن چيو ته سنڌ واسي درياهه تي ڌاڙي، وسيلن تي قبضن ۽ سنڌ اندر ٿيندڙ هر قسم جي انتها پسندي کي رد ڪن ٿا.