خيرپور/اڪري چودڳي(نمائندن وٽان) اڪري چودڳي ڀرسان گذريل رات دير سان ظفرآباد وٽ شادي جي محفل ڪري واپس ويندڙ راڳي شاهد ٻٻر ۽ سندس ساٿين کي هٿياربندن ويهو واھ لڳ لنڪ روڊ تي رڪاوٽون رکي يرغمال بڻائي گهور ۾ مليل روڪ رقم 4 لک، 2 سونيون منڊيون ۽ موبائل فون ڦر ڪري ورتا ۽ فرار ٿي ويا، راڳي شاهد ٻٻر موجب ايس ايچ او اڪري کي دانهن ڏني پر 24 ڪلاڪ گذرڻ باوجود ڪو به تدارڪ نه ٿيو آهي.