اڪري چودڳي (رپورٽ: امير حيدر شر) اڪري چودڳي ڀرسان پسند شادي تان لاشاري ۽ چانڊيا ڌرين ۾ تڪرار تيز، ناري جي وارثن جو نوجوان جي گهر تي حملو، نوجوان، سندس 2 ڀائر ۽ ڀيڻ مبينا اغوا، پوليس هٿيار تاڻڻ تي حملو ڪندڙ کي رستو ڏئي اڳتي وڃڻ ڏنو، 2 ڄڻن کي بازياب ڪرايو ويو، خبر موجب پسند جي شادي ڪرڻ تان چانڊيا ۽ لاشاري برادري جي ٻن ڌرين ۾ تڪرار تيز ٿي ويو آهي، ڪالهه ڳوٺ ننڌيرو تي فجر مهل ٽن ويگو گاڏين ۾ سوار ٺاروشاھ جي ڳوٺ ميوو چانڊيو واسي ناري جي وارث چانڊيا برادري جي ماڻهن پسند جي شادي ڪندڙ نوجوان جي گهر تي حملو ڪري پلاند ۾ پريمي نوجوان فوجي حبدار لاشاري، سندس 30 سالا ڀيڻ نجيبان زال عطاحسين، 2 ڀائر عنايت علي ۽ سهراب لاشاري کي مبينا طور اغوا ڪري ورتو، چئن گهر ڀاتين جي اغوا جو اطلاع بروقت اڪري پوليس کي ڏنو ويو، جنهن شهر جي مک چوڪ تي رڪاوٽون رکي روڊ بند ڪري اغواڪارن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي پر ويگو سوار هٿاربندن پوليس تي هٿيار تاڻي ورتا، جنهن ڪري خوف سبب پوليس اهلڪار پاسي تي ٿي ويا ۽ هٿياربند فرار ٿي ويا، ٻڌايو پيو وڃي ته فوجي حبدار لاشاري ڳوٺ ميوو چانڊيو واسي طلاق يافته رابعا ڌيءُ حسن علي چانڊيو سان 3 مهينا اڳ پسند جي شادي ڪئي هئي، جنهن تان ناري جي مائٽن پلاند ۾ ٽن ڀائرن ۽ ڀيڻ کي اغوا ڪيو، آخري اطلاعن موجب پوليس هڪ مرد ۽ عورت کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، جڏهن ته وارثن پڻ اهڙي تصديق ڪئي، ذريعن موجب مغوين جي بازيابي ڊيل تحت ٿي آهي، جنهن ۾ لاشاري برادري چانڊيا برادري کي رابعا چانڊيو عيوض نيت پت ڏيندي.
فجر مهل هٿياربندن گهر تي حملو ڪري 4 ڄڻا اغوا ڪيا: گهر ڌڻي
اڪر چودڳي: گهر ڌڻي يار محمد لاشاري ٻڌايو ته صبح جو فجر مهل ٺارو شاهه جي ڳوٺ ميوو خان چانڊيو واسي چانڊيا برادري جي هٿيار بندن گهر تي حملو ڪري هڪ عورت ۽ ٽن ڀائرن کي اغوا ڪيو، هن چيو ته اطلاع باوجود پوليس ڪا به ڪارروائي نه ڪئي، هن چيو ته اغوا ٿيلن جي زندگي کي خطرو آهي، فوري طور نوٽيس وٺي کين بازياب ڪرائي زندگي بچائي وڃي.
|
مغوين جي وارثن جو سندن بازيابي لاءِ احتجاجي مظاهرو
اڪري چودڳي: مغوين جي وارثن يارمحمد، شمن، قطب، ولي محمد ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڪري اڳيان سندن بازيابي لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو، هنن چيو ته اغوا ٿيلن جي حياتين کي خطرو آهي، نوٽيس وٺي کين جلد بازياب ڪرايو وڃي.
وارث ڪيس داخل ڪرائڻ ٿاڻي پهتا پر پوليس لنوائيندي رهي
اڪري چودڳي: گهر تي حملي ۽ 4 گهر ڀاتين جي اغوا واري واقعي جو ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ مغوين جا وارث اڪري ٿاڻي تي پهتا پر ڪيس داخل نه ڪيو ويو، آخري اطلاعن موجب پوليس وارثن کي دلاسا ڏيندي رهي ۽ واقعي جو ڪيس داخل نه ڪيو.