اڪري چودڳي(ن پ ا)اڪري چودڳي ڀرسان ڳوٺ گجو شيخ واسي ناري شمروز شيخ پنهنجي امڙ سان گڏ بااثرن خلاف احتجاج ڪندي دانهيندي الزام هڻندي چيو آهي ته بوزدار وڏا واسي شاهنواز، بابو وريل، مٺل پنهيار واسين سان اسان جو اچڻ وڃڻ هيو، ڪجھ ڏينهن اڳ شاهنواز پنهيار شمروز کي ورغلائي اغوا ڪري ويو، کيس ٻن ڏينهن تائين تشدد جو نشانو بڻايو. ناري موجب ٻه ڏينهن قيد ۾ رهڻ بعد وجھه وٺي گهر پهچي پنهنجي امڙ ۽ گهرڀاتين کي سموري حقيقت ٻڌائي، عورتن موجب ناري جي گهر پهچڻ بعد مٿيان مذڪوره ماڻهو ٻين ساٿين سان گڏ گهر پهتا ۽ پئسا ڏيئي شمروز جو رشتو گهريو، معافي تلافي سان گڏ عزت جو پلاند ڏيڻ جو پڻ چيو ۽سازش تحت پئسن ڏيڻ جو ويڊيو ۽ فوٽو ٺاهيا، جنهن بعد اسان پئسن عيوض نياڻي وڪرو ڪرڻ کان جواب ڏنو. اسان جي اهڙي انڪار بعد جوابدارن اسان سمورن گهر ڀاتين کي يرغمال بڻايو، عورتن ٻارن تي تشدد ڪيو، اطلاع ملڻ بعد پوليس پهتي، جنهن اسان کي بچايو، جنهن بعد جوابدار مسلسل موتمار ڌمڪين سان گڏ شمروزکي اغوا ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏيندا رهن ٿا، ناري شمروز ۽سندس امڙ دانهيندي روئيندي چيو ته اسان کي مٿين جوابدارن مان جان عزت ۽ مالي نقصان جو خطرو آهي ۽ ڪجھه صحافين جي مدد سان بااثر جوابدار اسان جو سوشل ميڊيا ٽرائل ڪري عزت کي داغدار ڪري رهيا آهن. مظاهرين ايس ايس پي خيرپور ۽وس وارن کان شفاف انڪوائري تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي، الزام هيٺ آيل ڌر موجب ناري شمروز اسان کي پئسن عيوض وڪرو ڪري ڏني ويئي، ڄڃ وٺي آياسين ته پئسا ڦٻائي سڱ ڏيڻ کان انڪار ڪيو ويو، ۽ پوليس گهرائي اسان خالي هٿ موٽايو ويو، زبردستي نڪاح ۽ اغوا جا الزام ڪوڙاآهن.