اڪري چودڳي/ڪرونڊي(نمائندن وٽان) اڪري چودڳي ڀرسان اڪري ٿاڻي جي حد ڳوٺ لائق ڪلهوڙو واسڻ 19 ورهين جي زينت ولد منٺار ڪلهوڙو پراسرارطور گولي لڳڻ سبب فوت ٿي وئي، فوتي ناري جو لاش سندس وارث ڪرونڊي جي خانگي اسپتال آندو آهي، جتي ڊاڪٽرن پاران سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي، وارثن جو چوڻ هئو ته صبح جو هنڌ ويڙهڻ وقت هنڌ اندر پيل پسٽل جي گولي اتفاقي طور ڇٽڻ سبب ناري جو موت ٿي ويو آهي، اطلاع بعد اڪري چودڳي پوليس خانگي اسپتال پهچي لاش تحويل هيٺ ورتو، جتان ناري جي لاش جو پوسٽ مارٽم ۽ ٻيون ضروري ڪارواين لاءِ فيض گنج جي سرڪاري اسپتال منتقل ڪرايو ويو، جتان پوسٽ مارٽم ٿيڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، ٻڌايو پيو وڃي ته ناري غير شادي شده آهي، جڏهن ته اسپتال ذريعن موجب ناري کي پٺيان کان گولي لڳل آهي جيڪا آرپار ٿيل آهي، ٻئي طرف ڊي ايس پي ٺري ميرواهه رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته جاءِ واردات تي پوليس ٽيم پهچي تفصيل ورتا آهن، ۽ شاهديون گڏ ڪيون پيون وڃن، جڏهن ته پوسٽ مارٽم رپورٽ ملڻ بعد وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي.