اڪري چودڳي: بااثر شاگرد پاران پسٽل رکي پيپر ڏيڻ جو انڪشاف، 3 استاد يرغمال، وڊيو وائرل

0
16
اڪري چودڳي: بااثر شاگرد پاران پسٽل رکي پيپر ڏيڻ جو انڪشاف، 3 استاد يرغمال، وڊيو وائرل
اڪري چودڳي: بااثر شاگرد پاران پسٽل رکي پيپر ڏيڻ جو انڪشاف، 3 استاد يرغمال، وڊيو وائرل

اڪري چودڳي(ن پ ا) اڪري چودڳي ڀرسان گورنمينٽ هاءِ اسڪول خدابخش هيسباڻي ۾ نائين ۽ ڏهين جي هلندڙ امتحان دوران ڪالهه واري پيپر ۾ نائين ڪلاس جي بااثر شاگرد پاران ڪلاس ۾ پسٽل رکي پيپر ڏيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي، امتحان دوران علائقي جي بااثر جي پٽ نائين ڪلاس جي شاگرد پسٽل رکي پيپر ڏنو، وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته انتظاميا کي هراسان ڪري پيپر حل ڪيو پيو وڃي، مليل ڄاڻ موجب بااثر شاگرد صرف امتحان ڏيڻ آيو هو باقي سڄو سال غيرحاضر رهيو آهي، ڪلاس ۾ مقرر انويجيلٽر کيس منع ڪئي ته بااثر شاگرد ۽ اسڪول انتظاميا استاد کي ڪلاس مان ٻاهر ڪڍي خانگي ماڻهن کي بيهاري ڇڏيو،  ذريعن وٽان معلوم ٿيو آهي ته علائقي جي بااثر شخص پاران مزاحمت ڪندڙ ٽن استادن کي يرغمال بڻايو ويو، جڏهن ته سندن جاءِ تي خانگي ماڻهن خالد غفور، ربنواز سولنگي سميت 5 ماڻهن کي امتحاني مرڪزن ۾ مقرر ڪيو ويو هو، ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته علائقي جي ٻين اسڪولن ۾ پڙهندڙ بااثر شاگردن کان هزارين رپيا رشوت وٺي کين ڳوٺ خدا بخش هيسباڻي اسڪول ۾ امتحان ڏياريا پيا وڃن، سڄاڻ ڌرين اختيارين کان مطالبو ڪيو ته فوري نوٽيس وٺي بااثرن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.