اڪري چودڳي (ن پ ا) اڪري چودڳيءَ ڀرسان ڳوٺ محمد شهمير شر واسي پورهيت امداد شر جي ٽي ڏينهن اڳ پيدا ٿيل پٽ کي پيدائش بعد ڪنڌ ۾ هڪ ڪلو جي رسولي ظاهر، تازو ڄاول ٻارڙو سخت تڪليف ۾ مبتلا ٿي ويو. معصوم نينگر جي والد امداد علي شر ٻڌايو ته ٽي ڏينهن اڳ نارمل ڊليوري ذريعي ڄاول پٽ کي ڪنڌ ۾ هڪ ڪلو کان به وزني رسولي ظاهر ٿي آهي. گهرواري پڻ ٻار ڄڻڻ بعد سخت بيمار آهي. ڊاڪٽر ڪراچي يا حيدرآباد مان علاج ڪو مشورو ڏئي رهيا آهن. برساتن دوران گهر ڊهي پٽ پئجي ويا. معصوم پٽ ۽ گهرواري جون زندگيون خطري ۾ آهن. غربت سبب سندن علاج ڪرائڻ کان قاصر آهيان. هن صحت واري صوبائي وزير، ڊي سي ۽ ڊي ايچ او خيرپور کي اپيل ڪئي ته معصوم پٽ جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائي سندس زندگي بچائي وڃي.