اڪري چودڳي(ن پ ا) جديد دورجي ترقي جتي زندگي گذارڻ آسان بڻائي آهي اتي مختلف قسم جي زندگي گذاريندڙ ماڻهن جي زندگي تي ڏکيا ڏينهن به آيا آهن شادين مرادين فنڪشنن اسٽيج شوز اسڪول پروگرامن ۾ علاقائي مسخرا يا ٽوٽڪا ٻڌائي ماڻهن جي چهرن تي مرڪون وکيريندڙفنڪار اداڪار مسخرا جديد دور جي تيز رفتار سفر جي سواري ۾ نه چڙهي سگهيا آهن ڀٽڪيل مسافر جيان رڻ ۾ رلي ويا آهن تبديل ٿيندڙ دور ۾ پراڻي دور وارا سب سسٽم بدلجي ويا ڳوٺن ۾ ٿيندڙ شادي مرادي تقريبون شادي هالن ۾ ٿيڻ لڳيون ڳائڻ وڄائڻ کل ڀوڳ جي فنڪارن جي جڳھ ايڪو سائونڊ ايم پي ٿري وٺي ورتي ۽ٻيو سمورين شيون تبديل ٿي نئين انداز اچڻ سبب علاقائي مسخرا غربت سفارش نه هجڻ ۽ٻين کوڙ ساري سببن سبب گمنام زندگي گهارڻ تي مجبور بڻيل آهن ماڻهن جي مرجهايل چهرن تي مرڪون وکيريندڙ فنڪار هن وقت پاڻ مايوسين جو شڪارهجڻ سان مفلسي تنگ دستي واري زندگي بسر ڪري رهيا آهن بصيرو واسي مسخرو اداڪار صداڪار شعيب راڄپر مختلف سنڌي چئنلن تي مزاحيه توڙي سنجيده ڪردار ادا ڪرڻ سان گڏ 25 سال زندگي جا اسٽيج شوز فنڪشن ۽شادين مرادين پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري ڪافي نالو ڪمايو ٽيلنٽ هجڻ باوجود جديد جي ضرورتن تي پورو نه لهڻ سفارشي ڪلچر سبب ملٽي ٽيلنٽ رکندڙ هي فنڪار گهر ويهجي ويو زندگي جو ڦيٿو ڦيرائڻ لاء گذريل چئن سالن ڳوٺ ڀرسان هڪ اسٽاپ تي سبزيون وڪڻي جيئڻ جا جتن ڪري ٿوسندس چواڻي ته اسان سادا ماڻهو هجڻ سبب جديد دور جي دوڙ کان ٻاهر ٿي وياسين ۽بس رهجي وياسين ڏک اهو ته گڏ ڪم ڪندڙ اداڪار هدايتڪار يا دوستن به وساري ڇڏيو ثقافت کاتو سرندي وارن جي سار لهي ٿو ياوري جيڪي سندن تعريفي راڳ آلاپينداآهن اهي ئي کين فنڪار نظر ايندا آهن باقي اسان جهڙا انهن لاء ڪيڙا ماڪوڙا آهيون