اڪري چودڳي(ن پ ا) اڪري چودڳي ڀرسان هٿياربندن جي 3 ڊوائيز هولڊرز کان لکين رپيا ڦر، خبر موجب نامعلوم ڦورو ٽن ڊوائيز هولڊرن مظهر، نثار ۽ الهڏنو نوراڻي کي هيسباڻي گيٽ لڳ يرغمال بڻائي 7 لک روپيا روڪ رقم ۽ 2 ڊوائيسز ڦر ڪري فرار ٿي ويا، اڪري پوليس پهچي ڦر واقعي بابت تفصيل ورتا، جڏهن ته وارداتن ۾ ملوث جوابدار توڙي رقم رڪور نه ڪرائي سگهي آهي.