اڪري چودڳي (ن پ ا) اڪري چودڳي ڀرسان ڪکائين ڇپري ۾ هلندڙ سرڪاري پرائمري اسڪول شاھ لطيف انب فقير مڱڻهار ۾ ايڪتاڏهاڙو ملهايوويو، پروگرام ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين ثقافتي ويس پهري شرڪت ڪئي، جڏهن ته قومي گيتن تي رقص پڻ ڪيو ويو، پروگرام ۾ ڪرسي راند، رساڪشي، گڏيون ۽ سنڌ جي ثقافتي راند ملھه جا مقابلا پڻ ٿيا، ان موقعي تي استادن ۽ شاگردن علم الدين، انب، غلام فريد، ارم، گلناز، سرهاڻ، ناياب، نجف، شعيب ۽ ٻين چيو ته سنڌ ۽ سنڌي ثقافت پنهنجي شاندار روايتن سبب دنيا جي هن گولي تي اڀ ۾ چمڪندڙ ستاري جيان آهي، سنڌ واسي درياهه تي ڌاڙن، وسيلن تي قبضن ۽ سنڌ اندر ٿيندڙ هر قسم جي انتها پسندي کي رد ڪن ٿا.