اڪري چودڳي (ن پ ا) اڪري ڀرسان ڀاءُ جگر ڏئي ڀيڻ جي زندگي بچائي ورتي، ڳوٺ استاد مجيد شر واسي عورت جگر جي عارضي سبب ڪافي وقت کان بيمار هئي ۽ ڊاڪٽرن کيس ٽرانسپلانٽ جو مشورو ڏنو، جنهن کي سندس ڀاءُ عبدالقيوم جگر عطيو ڪيو، عورت کي راولپنڊي جي خانگي اسپتال داخل ڪيو ويو، جتي سندس جگر جي پيوند ڪاري جو ڪامياب آپريشن ڪيو ويو، جگر جي پيوند ڪاري بعد ڀاءُ ڀيڻ جي طبيعت سڌرندڙ آهي.