اڪري چودڳي (ن پ ا) اڪري چودڳي ڀرسان ڳوٺ سچيڏنو خاصخيلي ۾ 6 مهينا اڳ فصل مان گاهه ڪرڻ جي مامري تان قتل ٿيل نوجوان علي گل خاصخيلي جي خون جو نبيرو خاصخيلي اتحاد جي اڳواڻ سرائي نياز خاصخيلي، مظفر مصطفي شر، قربان راڄپر، فراز راڄپر جي سرپئنچي ۾ ڳوٺ حاجي سجاول خاصخيلي ۾ ٿيو، ٻنهي ڌرين جون ڳالهيون ٻڌڻ بعد امينن صلاح مشورو ڪري فتويٰ ٻڌائي، جنهن موجب علي گل خاصخيلي جو خون آصف، ساجد، شيرل ۽ سوڍل خاصخيلي تي ثابت ٿيو، جڏهن ته جهيڙي دوران عورتن جي تذليل ڪرڻ مقتول جي ڀاءُ کي زخمي ڪرڻ جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي جوابدار ڌر مٿان 50 لک ۽ عورتن جي تذليل جا 10 لک ۽5 لک زخمي جا مجموعي طور 50 لک رپيا ڏنڊ وڌو ويو، ڏنڊ جي رقم ٽن مهينن اندر ٻن قسطن ۾ ادا ڪئي ويندي، پهرين قسط بعد مقتول ڌر جوابدارن سان ٺاهه ڪرڻ جو بيان ڪورٽ ۾ ڏيندي، ٻنهي ڌرين فيصلو قبول ڪري ورتو ۽ کيرکنڊ ٿي ويون.