اڪري چودڳي(ن پ ا) اڪري چودڳي ڀرسان ڳوٺ ڪورڪي حاجاڻه گرائونڊ تي نوشهرو ۽ خيرپور جي ڪرڪيٽ ٽيمن جي وچ ۾ دوستاڻي مئچ کيڏي وئي. 10 اوورن جي مئچ ۾ نوشهروفيروز جي ٽيم پهريان بيٽنگ ڪندي ڪامران جي 25، خيرمحمد جي 30 ۽ شعيب جي 20 رنسن جي مدد سان 109 رنسون ٺاهيون. خيرپور جي ٽيم طرفان بهترين بالنگ ڪندي ابوراڄپر 3 وڪيٽون ۽ حمزھ شاھ 3 وڪيٽون ورتيون. خيرپور جي ٽيم آخري اور ۾ رضا شاھ جي 35 ۽ فرحان شر 20 رنسن جي بدولت 110 رنسون ٺاهي مئچ کٽي ورتي. بهترين راند پيش ڪرڻ تي گرائونڊ ۾ موجود شائقين ٻنهي ٽيمن جي رانديگرن کي ڀرپور داد ۽ انعام ڏنو.