اڪري چودڳي (ن پ ا) اڪري چودڳيءَ ڀرسان يوسي جعفر خان جلالاڻيءَ جي ڳوٺن هوند علي شر، نياز آباد، ابراهيم خاصخيلي، انب فقير مڱڻهار ۽ محمد نواز شر مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف سوين ڳوٺاڻن احتجاج طور ڌرڻو هڻي مهراڻ هاءِ وي کي هڪ ڪلاڪ تائين بند ڪري ڇڏيو، مظاهرين پاران اي سي ٺري ميرواھ عبدالباسط هڪڙو خلاف سخت نعريبازي. مظاهرين بخش علي شر، فقير لقمان شر، اظهر علي، سهيل خاصخيلي، نادر علي، قربان علي ۽ ٻين ميڊيا آڏو دانهيدي چيو ته سندن ڳوٺن ۾ چئن مهينن کان پاڻي بيٺل آهي. زمينن ۽ گهرن ۾ به 4 کان 5 فوٽ پاڻي بيٺل هجڻ سبب جيئڻ جنجال بڻيل آهي، سرديءَ جي موسم ۾ پڻ معصوم ٻارڙن سميت واهن ۽ روڊن جي ڪپرن تي کليل آسمان هيٺ ترسيل آهيون. هنن دانهيو ته اسسٽنٽ ڪمشنر ٺري ميرواهه بار بار شڪايتن باوجود ڳوٺن مان پاڻي نيڪال ڪرائڻ لاءِ تيار ناهي. مظاهرين ڪمشنر سکر، ڊي سي خيرپور ۽ ٻين اعليٰ عملدارن کان مطالبو ڪندي گهر ڪئي ته  اي سي ميرواھ خلاف ڪارروائي سان گڏ ڳوٺن مان برساتي پاڻي نيڪال ڪرائي پريشانين کان بچايو وڃي. مظاهرين ايس ايچ او  جي خاطري بعد روڊ کولي ڇڙوڇڙ ٿي ويا.