پنگريو (ن پ ا) ڪوٽڙي بئراج مان نڪرندڙ اڪرم واھه مان غيرقانوني واٽر ڪورس ڪڍڻ ۽ لفٽ مشينون لڳائي پاڻي چوري ڪرڻ خلاف ٽيل آبادگار ايسوسيشن بدين ۽ ٻين تنظيمن جي اڳواڻن جي درخواست تي سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد ۾ ٻڌڻي ٿي، آبادگارن جي وڪيلن عبدالغفور ھڪڙو ۽ محمد سليمان انڙ جا دليل ٻڌڻ بعد عدالت ڪيس ٻڌڻ جوڳو قرار ڏيندي ايندڙ ٻڌڻي 13نومبر تي مقرر ڪندي اڪرم واهه جي آبپاشي کاتي جي عملدارن کان تفصيلي رپورٽ گھري ورتي، ان موقعي تي ٽيل آبادگار ايسوسئيشن بدين جا اڳواڻ عبدالغفور چانڊيو، گل محمد گرگيز ۽ ٻيا موجود هئا .