خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيس خيرپور جي اڪائونٽنٽ ستار ميتلو جي ڊي ايچ او آفيس ۾ هڪ عورت کي پيرن تي هٿ رکڻ واري تصوير سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي، شهرين ۽ ساڃاهه وندن طرفان اهڙي تصوير تي تبصرا ۽ تنقيد ڪئي پئي وڃي، سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل تصوير ۾ اڪائونٽنٽ ڊي ايچ او آفيس جي ڪمري ۾ هڪ عورت جي پيرن تي هٿ رکي کيس مسڪرائي ڏسي رهيو آهي، واضح رهي ته ان کان اڳ عبدالستار ميتلو جي هڪ عورت سان ڳالهه ٻولهه واري آڊيو پڻ وائرل ٿي هئي، ان ڏس ۾ شهرين ۽ ساڃاهه وندن لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته عبدالستار ميتلو جي حرڪتن جو نوٽيس وٺي سندس خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.