اسان جو يار، عبدالله چانڊيو چوويهن سالن کان قلم، ڪتاب ۽ ڪوِتا جي ڪاڪ جو پانڌيئڙو آهي. انهن چوويهن سالن ۾ هن شاعريءَ جا ٻه ڪتاب سنڌي ادب کي ارپيا آهن. سندس اها ارپنا سُونهن سچ، علم ادب، ضمير ۽ خمير جي صدا آهي، جيڪا کيس سنڌي شاعريءَ جي کيتر ۾ سُونهن ڀريو سَرجڻهار بنائي رهي آهي.
سندس پهريون ڪتاب (ٻيڙيءَ ۾ درياهه) غزلن ۽ نظمن جو مجموعو آهي ۽ سندس هِي ٻيو ڪتاب (اکين جو شهر) نثري نظمن جو مجموعو آهي. اڄ جو دور نثري نظم جي عروج جو دور آهي. نثري نظم هڪ ئي وقت خوبصورت نثر آهي ۽ انهيءَ ۾ نظم جا لوازمات پڻ پورا ڪيا وڃن ٿا. نثري نظم ۾ خيال نظماڻو ۽ اظهار نثراڻو ٿئي ٿو. عبدالله چانڊئي جا نثري نظم ٻهڳڻا آهن، لهجو، ٻولي، ڊِڪشن، تجريديت، اُڻت، نڀاءُ ۽ ڪلائمڪس ۾ پورا ۽ پُختا آهن. عبدالله چانڊئي جي نثري نظمن ۾ اثرپزيري آهي ۽ هُو دِل کي ڇُهن ٿا.
اکين جو شهر عبدالله چانڊئي جي خُوابن جو شهر آهي، جنهن ۾ علم ادب ۽ آرٽ جون سَوين حُسناڪيون شامل آهن، جيڪي اسان کي ٻُڌائي رهيون آهن ته، ادب ۽ آرٽ زندگيءَ جا عڪاس آهن. ادب ۽ آرٽ کانسواءِ زندگي اڻپوري ۽ اڌوري آهي. فڪري لحاظ کان عبدالله چانڊئي جا نظم درد جي دانهن آهن، جن ۾ هڪ هاريءَ، هڪ پورهيت جي درد کان قوم جي درد تائين سماجي فڪر ۽ علم، ادب جي ڏاهپ شامل آهي. عبدالله چانڊئي جي نثري نظمن ۾ هڪ نِکار آهي. خيال جي خُدائيءَ جي ذريعي ٻاجھاري ٻوليءَ جي عظمت بيان ڪيل آهي. سندس سِٽَ سِٽَ ۾ تخيل ۽ تجسس موجود آهي، جيڪو کيس پڙهندڙ جي ويجھو ڪري ٿو ۽ سماج جي سُونهن بنجي هڪ راهه ڏيکاري ٿو. سندس هر نثري نظم ۾ هڪ ڪهاڻي آهي، هڪ تصور آهي، هڪ خيال آهي، جيڪو عشق جي راهن ۾ اُڀن ڪَنڊن جيان عيان ٿيو بيٺو آهي.
عبدالله چانڊئي جي نثري نظمن جو هِي ڪتاب (اکين جو شهر) سانڍَڻ جهڙو شعري مجموعو آهي، جنهن ۾ شاعر جي احساسن، اُمنگن ۽ دردن جي ڪَٿا شامل آهي. ڌرتيءَ جو درد، مزاحمت ۽ عشق جون اڪيچار ڪهاڻيون هن ڪتاب جي ڪٿا ۾ شامل آهن. هڪ ڪوِتاڪار جون اکيون ڇا ڏسن ٿيون، ڪو شاعر کان پُڇي، ڪو هن ڪتاب ۾ ڇپيل شاعر جي احساسن کي پڙهي ڏسي.
عبدالله چانڊئي جي نثري نظم ۾ ڪيتري اثرپزيري آهي، اچو ته سندس هِي نثري نظم پڙهي ڏسون :
خُوابن جي ڪشتين جا قافلا،
جڳن کان اچڻ ئي ڇڏي ويا آهن،
تڏهن خُدا مون کي،
ڳوڙهن جو مُلهه آڻي ڏنو آهي،
اڄ سمنڊ اڪيلو ناهي رهيو،
اسان ڪيترا ٻار، ماڻهون،
سمنڊ سان گڏ بيٺا آهيون،
۽ پوڙهي سمنڊ جي،
اکين ۾ خُوشيءَ جا ڳوڙها،
تري آيا آهن…..
عبدالله چانڊئي جي نظمن ۾ ادب برائي زندگيءَ جا احساس شامل آهن، ڪُجھ اهڙيءَ طرح جو اظهار عبدالله چانڊئي وٽ منفرد آرٽ بنجي پوي ٿو، توڙي جو اهي احساس هڪ ڪردار جي فردي نفسيات جا عڪاس آهن پر سماج ۾ فرد جي ڳڻتيءَ کي اظهاري ڪارج ملي پوي ٿو، جيئن هن نثري نظم ۾ عبدالله چانڊيو چوي ٿو ته:
اڃا تائين تُون
منهنجا لکيل نظم
پڙهي سگھين آهين،
منهنجي اکين جا نظم ته تو
ڪڏهن پڙهيا ئي ناهن،
باقي سگريٽن ۾ سڙندڙ،
پنهنجا نظم ته مان پاڻ به
پڙهي نه سگھندو آهيان،
ها پر منهنجا ڪارا چپ
۽ ڦڻي نه ملندڙ وار
آرسي جي سامهون
منهنجي ذهن کي
هروز هڪ نظم ئي
پڙهائيندا آهن،
ته ڇا مان هن کي پنهنجي
اکين جا نظم
پڙهائڻ کان اڳ
پوڙهو ته نه ٿي ويندس…..
عبدالله چانڊئي جو هِي نظم ادب جي اثرپزيريءَ جو سُهڻو اظهار آهي:
رنگينين جو جنم
تنهنجي ننهن جي رنگ، ڪجل ۽
سرخيءَ جي
رنگن مان ٿيو هو،
سمنڊ جو کارو ذائقو
منهنجي ڳوڙهن مان ٿيو هو،
گلن جو جنم تنهنجي
مرڪ مان ۽
سازن جو جنم
تنهنجي ٽهڪن مان ٿيو هو،
ويرانين جو جنم
منهنجي اڪيلائين مان ٿيو هو،
قيامت جي ڏينهن کان اڳ تيز رڙ
جيڪا دنيا کي ختم ڪري ڇڏيندي،
اها منهنجي پيار جي هوندي،
باقي پيار جا مخالف
پاڻ جهنم ۾ ٻرندي گڏجي ڏسنداسين.
عبدالله چانڊئي جي ڪيترن ئي نثري نظمن ۾ ٻوليءَ جون ترڪيبون ڪمال جون آهن:
درد جي ٻولي
هڪ خودڪشي
ٻوٽيون پٽيندڙ
ڪتي جيان
منهنجي پٺيان آهي،
زندگي جو حوصلو
فيڪٽري جي مالڪ وٽ
رهيل پگھار وانگر قيد آهي،
ڪي به سٺا ترجمي ڪار
منهنجي درد جي ٻولي جو
ترجمو نه ڪري سگھيا آهن،
باقي سڀاڻي جي اخبار
۽ سوشل ميڊيا تي
منهنجو زبان نڪتل ڦوٽو
هر ڪنهن جي هانو
چڪ وجھندو
عبدالله چانڊيو ڪارونجھر جو ماتم ڪندي لکي ٿو ته:
ڪارونجھر جي ڪور تي،
ساون پيلن مورن،
جي نچڻ بدران،
سايون پِيليون، ڪرينون،
ڪولهين، سوڍن جي رت،
مجبورن قوم کي ڍڪڻي جو،
پاڻي آڇي رهيو آهي،
۽ چئي رهيو آهي ته،
هاڻي هن اعتبار جي،
آسمان تان ڪريل عضوا،
ڪنهن به ڪنڀر جي،
ٻڌجڻ لائق نه رهندا….